تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ کان ٻارهن ايڪڙ زمين رکندڙ 10 لک آبادگار آهن، ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ هو هاري ڪارڊ ذريعي آبادگارن جي هو مدد ڪرڻ چاهن ٿا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هاري ڪارڊ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سردار محمد بخش مهر،  چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پي اينڊ ڊي جي چيئرمين نجم شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته آبپاشي وارو وزير وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس دوران وڏي وزير  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ هڪ کان ٻارهن ايڪڙ زمين رکندڙ 10 لک آبادگار آهن، ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ هو هاري ڪارڊ ذريعي آبادگارن جي هو مدد ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته هو چاهن ٿا ته ڪڻڪ جي پيدوار وڌ کان وڌ ٿئي، ربيع جي فصلن لاءِ وقت سر زرعي پاڻي جي پهچ يقيني بڻائي ويندي. وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي بهترين فصل پوکڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ مان هر سال چانور جو وڏو مقدار ايڪسپورٽ ٿيندو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته آبادگار هن سال اهڙا فصل پوکن جيڪي ايڪسپورٽ ڪري سگهن، سنڌ سرڪار زرعي ۽ صعنتي شعبن ۾ جدت آڻن چاهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون