- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.
صدر آصف علي زرداري ميانوالي ۾ شهيد ميجر بابر خان جي رهائشگاهه پهچي سندس پوئنرن سان تعزيت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري شهيد ميجر بابر خان کي وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.
صدر جو چوڻ هو ته پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.
صدر آصف علي زرداري شهيد جي وطن لاءِ خدمتن ۽ جذبي جي ساراهه ڪئي.
صدر شهيد ميجر بابر خان جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو….- Advertisement -
