- Advertisement -
هڱورجا ڀرسان لنڪ روڊ تي اڻڄاتل ماڻهو ڪار ۽ پيرسن عورت کي ڇڏي فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي ڪار ۽ پيرسن عورت کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
هڱورجا ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ رڪراڻا سهتا وٽ نامعلوم ماڻهو اڇي رنگ جي ڪار نمبر بي جي ڪي 961 ۽ ان ۾ سوار هڪ پيرسن عورت کي ڇڏي ويا آهن.
اطلاع تي پوليس پهچي ڪار ۽ عورت کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ايس ايڇ او هڱورجا جو چوڻ آهي ته هٿ آيل ڪار ۽ عورت بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، پيرسن عورت ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.
- Advertisement -
