تازه ترين

ڪنب ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ عورت زخمي

- Advertisement -
ڪنب ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي. ڳوٺ ملهير خان پاتو ۾ پاتا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب پيرسن مولي ڏنو پاتو مارجي ويو آهي، صاحب ڏني زخمي ٿي پئي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته پسند جي شادي ڪندڙ ناري صاحب ڏني ماءُ راڻي جي فوت ٿيڻ بعد سندس منهن ڏسڻ لاءِ پهتي ته کيس منهن نه ڏسڻ ڏيڻ تان جهيڙو ٿي پيو. فوتي عورت جي ڀائرن ۽ سندس ناٺي وچ ۾ جهيڙي دوران پيرسن مولي ڏنو پاتو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مارجي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته پاتو برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران پيرسن مولي ڏنو پاتو مارجي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون