- Advertisement -
واشنگٽن جي رونالڊ ريگن ايئرپورٽ ويجهو مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر جي حادثي جا ڪجهه سبب سامهون آيا آهن.
رپورٽن مطابق، رونالڊ ريگن ايئرپورٽ تي ڪنٽرول ٽاور ۾ عملي جي کوٽ هئي، ٻن جي بدران هڪ ڪنٽرولر استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ هڪ اڏام کي رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
حادثي جو شڪار مسافر جهاز جي پائلٽ کي آخري وقت تي رن وي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ جهاز رخ تبديل ڪيو.
آمريڪي ميڊيا موجب حادثي جي نتيجي ۾ جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا 67 ماڻهو فوت ٿي ويا.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر جا بليڪ باڪس ملي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، تربيت هيٺ فوجي هيلي ڪاپٽرن کي وڏن هوائي اڏن جي ويجهو اڏامڻ جي اجازت بابت سوال پيدا ٿيا آهن.- Advertisement -
