تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جي ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ سڪيورٽي سهڪار سميت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف چيني سفير کي چين جي نئين سال جي مبارڪ ڏني ۽ نئين سال جي تقريب ۾ چيني قيادت سان گڏ چيني عوام سميت پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته نئون سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ خوشحالي آڻيندو. چيني سفير خوشي جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ ان جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون