تازه ترين

والاريل رياست ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 78 ورهين مڪمل

- Advertisement -
27آڪٽوبر 1947ع رياست ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، والاريل رياست ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 78 ورهين مڪمل ٿي ويا. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي پاڪستان سميت سڄي ۾ رهندڙ ڪشميري طرفان نئين عزم سان ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. 27آڪٽوبر 1947ع رياست ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ترين ڏينهن هو جڏهن ڀارت جبري طور ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪيو هو، ڀارت جي هن ظالمابي قدم خلاف ڪشميري اڄ به آزادي لاءِ سينن تي گوليون کائي رهيا آهن. ڀارت گذريل 34 ورهين دوران هڪ لک جي لڳ ڀڳ ڪشميرين کي بي دردي سان شهيد ڪيو آهي. گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام کي سندن حق خوداراديت نه ڏنو ويو، عالمي برادري کي گهرجي ته ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هر سال سڄي دنيا ۾ ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن، هن ڏهاڙي جي ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارتي اڳرائي کان آگاهه ڪرڻ آهي، سڄي دنيا ۾ ڪشميري احتجاج، ريليون ۽ سيمينار ڪوٺائي ڀارتي قبضي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي ويندي آهي. ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت به ختم ڪئي وئي آهي، ڪشميري اڄوڪي ڏينهن 1947 کان 5 آگسٽ 2019 تائين ڀارت طرفان کنيل سمورن غير قانوني قدمن خلاف احتجاج سان انهن کي رد به ڪندا آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون