- Advertisement -
والاريل ڪشمير ۾ چونڊن کان اڳ حريت پسندن جي حملن جي نئين لهر ڀارتي فوج کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد ڀارتي فوج ۽ حڪومت جو موقف وائکو ٿي ويو.
ايلس پيٽرسن گارڊين ۾ لکيو ته حريت پسند پهريان کان تمام گهڻا پرعزم آهن، جڏهن ته ڀارتي فوج جو مورال گهٽ آهي.
دي گارڊين موجب ڪشميري مجاهد جديد هٿيارن جو استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڀارتي فوج به حيران ٿي وئي آهي.
ڪشميري مجاهد فوج تي حملي بعد جبلن ۾ گم ٿي وڃن ٿا، جنگي سامان پهچاڻ لاءِ وادي ۾ ڊرونز جو استعمال ڪيو وڃي ٿو،.
مجاهد باڊي ڪيمرائن جو به استعمال ڪن ٿا، ڀارتي فوج جون اختياريون به حملا ڪندڙن بابت انٽيلي جنس ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون اچڻ جو اعتراف ڪن پيا.
دي گارڊين موجب هندو اڪثريتي صوبي ڄمون ۽ ٻين علائقن ۾ حملن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، مجاهد حملن جا نوان طريقا استعمال ڪري رهيا آهن.
دي گارڊين جو چوڻ هو ته حملا ڪندڙن وٽ جديد هٿيار موجود آهن.- Advertisement -
