- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان ملاقات ڪري التوا هيٺ ٽيڪس ڪيس جلد اڪلائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، احد خان، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار، قانون ۽ انصاف واري ڪميشن جو سيڪريٽري به شريڪ هو.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم، چيف جسٽس کي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون.
وزيراعظم، چيف جسٽس کي ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏورانهن علائقن جي دوري جي به واکاڻ ڪئي.
جاري ڪيل پڌرنامي موجب وزيراعظم، چيف جسٽس جي انصاف جي وقت سر فراهمي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورن واري عمل کي به ساراهيو.
ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪي معاشي ۽ سڪيورٽي چئلينجن تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ملڪ جي مختلف عدالتن ۾ ڊگهي مدي کان التوا هيٺ ٽيڪس تڪرارن بابت آگاهه ڪيو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس، وزيراعظم سان انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ تجويزون پڻ گهري ورتيون.- Advertisement -
