چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪيويز مقرر اوورن ۾ رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ طرفان ٽام ليٿم ۽ وِل يونگ شاندار سنچريون هيون ۽ فلپس ففٽي هنئي. پاڪستان طرفان نسيم شاهه  ۽ حارث رئوف 2-2،  ابرار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڪيويز طرفان مليل 321 رنسن جي حدف جي جواب ۾ قومي ٽيم 47 ڏهائي 2 اوورن ۾ 260 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات سستيءَ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بيٽر دٻاءُ ۾ اچي وڪيٽون وڃائيندا رهيا. قومي ٽيم طرفان خوشدل شاهه 69، بابر اعظم 64 ۽ سلمان آغا 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪيويز طرفان  مچل سيٽنر ۽ او روڪيَ 3-3، ميٽ هينري 2، فپلس ۽ سمٿ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ 23 فيبروري تي روايتي حريف ڀارت سان کيڏندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.7m/s
39%
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون