- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، صنعت ۽ زراعت جي ترقي لاءِ روشن معيشت بجلي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.
شهباز شريف صعنتي ۽ زرعي شعبي جي ماهرن ۽ ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران پيڪيج جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته صنعتي شعبي کي 34 رپيا ۽ زرعي شعبي کي 38 رپيا ملندڙ في يونٽ ۾ وڏي گهٽتائي فراهم ڪري واڌو يونٽ فراهم ڪيا ويندا.
وزيراعظم چيو ته ايندڙ ٽن ورهين ۾ سمورو سال صعنتي ۽ زرعي شعبي کي اضافي بجلي 22 رپيا 98 پيسا في يونٽ فراهم ڪئي ويندي.
شهبازشريف چيو ته روشن معيشت بجلي پيڪيج تحٽ فراهم ٿيندڙ بجلي جو بار نه گهريلو واهپيدار نه ئي ڪو ٻيو شعبو کڻندو.
وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي ۽ روزگار ۾ اضافي لاءِ صنعت ۽ زراعت جي ترقي انتهائي ضروري آهي، ملڪي صنعتن ۽ زرعي شعبن کي ترقي وٺرائڻ توڙي ڪاروباري سهولتن ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
شهبازشريف چيو ته سياري جي مند ۾ اعلانيل پيڪيج تحت صعنتي ۽ زرعي شعبي 410 گيگا واٽ اضافي بجلي استعمال ڪئي، جنهن ڪري صعنتن جو ڦيٿو هليو، ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا.
وزيراعظم چيو ته معاشي بحران کان معاشي استحڪام جو سفر ڏکيو هو پر معاشي ٽيم جي محنت ۽ سڀني جي سهڪار سان اهو ممڪن ٿيو.
هن چيو ته صنعت ۽ زراعت ترقي ڪندا ته ملڪ جي قرضن مان جند آجي ٿيندي.
شهبازشريف چيو ته سڀني کي گڏجي اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو حدف جلد حاصل ڪيو ويندو………………- Advertisement -
