- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪري ڪابينا ۾ شموليت جي درخواست ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ملاقات ڪابينا جي قسم کڻڻ واري تقريب کانپوءِ ٿي.
ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال سميت اتحادين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهبازشريف، آصف علي زرداريءَ کي ٻئي مرحلي ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ڪابينا ۾ شموليت جي درخواست ڪئي.
ذريعن موجب آصف زرداري معاملي تي غور ڪرڻ بعد فيصلو ڪرڻ جو واعدو ڪيو.- Advertisement -
