- Advertisement -
سينيٽ چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، 14 مارچ تي شيڊول جو اعلان ٿيندو.
اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان 14 مارچ تي ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن موجب سينيٽ اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذ اڄ کان حاصل ڪري سگهبا، 52 سينيٽر پنهنجو مدو پورو ڪري اڄ رٽائر ٿي رهيا آهن.
25 آئيني ترميم تحت اڳوڻي فاٽا جي چئن سينيٽ سيٽن تي ٻيهر اليڪشن نه ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب پندرهن ۽ سورهن مارچ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا، سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊ 2 اپريل تي ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب جي ستن جنرل، عورتن جي ٻن، عالمن توڙي ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي اليڪشن ٿيندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته سنڌ جي ستن جنرل، عورتن ۽ عالمن توڙي ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن ٻن ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب ڪي پي ۽ بلوچستان جي ستن ستن جنرل، عورتن ۽ عالمن جي ٻن ٻن سيٽن تي اليڪشن ٿيندي، جڏهن ته اسلام آباد جي هڪ جنرل، هڪ عورتن ۽ هڪ ٽينڪنوڪريٽس جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.- Advertisement -
