- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ٽياڪڙ طور صحي ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ٽياڪڙ جي حيثيت سان صحي ڪري ڇڏي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود پزشکيان جون صحيون به موجود آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ صدر ميڪرون سان رات جي ماني دوران ايران-آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي.
ٻئي طرف، ايراني سرڪاري ميڊيا طرفان صدر مسعود پزشکيان جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ هو مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪندي نظر اچي رهيو آهي.- Advertisement -
