حڪومت هڪ ڀيرو وري پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي

- Advertisement -
حڪومت هڪ ڀيرو وري پيپلزپارٽي کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ نائب  وزيراعظم اسحاق ڊار وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به شريڪ هو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بلاول ڀٽو زرداريءَ کي وزيراعظم شهبازشريف جو پيغام ڏنو. ذريعن موجب وزيراعظم جي پيغام ۾ پ پ کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت پڻ ڏني وئي، پر پ پ انڪار ڪيو. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ اسحاق ڊار آڏو پنهنجا خدشا رکيا، جڏهن ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ واري لکت ۾ ٿيل معاهدي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته حڪومتي فيصلن ۾ پ پ سان صلاح مشورا نه ڪرڻ تي پارٽي اڳواڻن جو دٻاءُ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
36%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون