تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف جي رياض ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان السعود سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مڪي ۾ گذريل ملاقات ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، اويس لغاري، عطا تارڙ به شريڪ هئا. وزيراعظم شهباز شريف سعودي پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان موڪلڻ ۽ سرمائيداري سيڙپڪاري جي حوالي سان وڌيڪ وفد پاڪستان موڪلڻ تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران شاندار مهمان نوازي ۽ سعودي وزيرن پاران پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري بابت جامع پروگرام ترتيب ڏيڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ غزه جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم سعودي ولي عهد کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
10 %
3.1kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون