وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان السعود سان اهم ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مڪي ۾ گذريل ملاقات ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، اويس لغاري، عطا تارڙ به شريڪ هئا.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان موڪلڻ ۽ سرمائيداري سيڙپڪاري جي حوالي سان وڌيڪ وفد پاڪستان موڪلڻ تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم سعودي عرب جي دوري دوران شاندار مهمان نوازي ۽ سعودي وزيرن پاران پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري بابت جامع پروگرام ترتيب ڏيڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا.
ملاقات ۾ غزه جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم سعودي ولي عهد کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف جي رياض ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


