- Advertisement -
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
وزيراعظم چين ۾ سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي صدر شي جن پنگ جا ٿورا مڃيا.
ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف ۽ چيني وزيراعظم لي ڪيانگ وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳون جي سمورن پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
چيني هم منصب وزيراعظم شهبازشريف کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون.
ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقيءَ لاءِ مسلسل عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.
ملاقات دوران سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ڌرين گوادر کي علائقائي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.
تقريب دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽيليويزن، فلم، ٽرانسپورٽ، انفرااسٽرڪچر، صنعت، توانائي، زراعت، صحت، سماجي، اقتصادي ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون.
چيني وزيراعظم لي ڪيانگ جو چوڻ هو ته سندن دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، هو پاڪستان سان مضبوط اقتصادي ڀائيواري چاهن ٿا……..- Advertisement -
