- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف طرفان بشريٰ بي بي جو سعودي عرب بابت بيان ملڪ دشمني قرار ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب خلاف بيان کان وڌيڪ ٻي ڪا به ملڪ دشمني ناهي، ملڪي مفادن سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ رنڊڪ بڻجڻ هٿ قوم ٽوڙي ڇڏيندي.
تونسا شريف ۾ ڪڇي ڪئنال جي بحاليءَ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو اهڙو ڀاءُ ملڪ آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي، سعود سدائين مالي، اقتصادي ۽ سفارتي مدد ڪئي ۽ ان عيوض ڪا به گهر نه ڪئي.
هن چيو ته سعودي عرب بابت جيڪو بيان آيو، ان کان وڌيڪ ڪا به ملڪ دشمني نٿي ٿي سگهي.
وزيراعظم چيو ته قوم سعودي عرب خلاف پروپيگنڊا ۽ ملڪي سلامتي سان کيڏندڙن جا هٿ ٽوڙي ڇڏيندي.
شهبازشريف چيو ته سعودي عرب سدائين هر حڪومت ۾ پاڪستان جي غير مشروط مدد ڪئي آهي.
وزيراعظم چيو ته ڪڇي ڪئنال منصوبي جو اصل هيرو نوازشريف آهي.
هن چيو ته مشرف دور ۾ ڪڇي ڪئنال منصوبي جو ٻيڙو ٻوڙي غريب قوم جا پيسا بردباد ڪيا ويا.
وزيراعظم چيو ته ڪڇي ڪئنال کي 2022ع جي ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو، واپڊا چيئرمين ۽ احسن اقبال ان جي تعمير ڪئي، جنهن ڪري هو اڄ ٻيهر ان جو افتتاح ڪري رهيا آهن، منصوبي جي ٻئي مرحلي کي به مڪمل ڪيو ويندو.- Advertisement -
