تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي آجيان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته آمريڪي صدر افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ حمايت کي مڃيو، پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جو اعتراف سٺو سنوڻ آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو آمريڪي صدر طرفان افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ حمايت کي مڃڻ توڙي ساراهڻ تي سندس ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ته جيئن دهشتگردن ۽ انتهاپسند گروپن جي محفوظ ٿاڪن کان محروم ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف کين ڪاررواين کان روڪي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي پختي عزم تي قائم آهي، هن مقصد لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون، 80 هزار کان وڌيڪ بهادر فوجين ۽ شهرين جي جانين جو نذرانو شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ڀائيواري جاري رهندو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
50 %
1.7kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون