- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته آمريڪي صدر افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ حمايت کي مڃيو، پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جو اعتراف سٺو سنوڻ آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو آمريڪي صدر طرفان افغانستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ حمايت کي مڃڻ توڙي ساراهڻ تي سندس ٿورائتا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ته جيئن دهشتگردن ۽ انتهاپسند گروپن جي محفوظ ٿاڪن کان محروم ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف کين ڪاررواين کان روڪي سگهجي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي پختي عزم تي قائم آهي، هن مقصد لاءِ پاڪستان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون، 80 هزار کان وڌيڪ بهادر فوجين ۽ شهرين جي جانين جو نذرانو شامل آهي.
هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان ڀائيواري جاري رهندو………- Advertisement -
