- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف غزا جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته غزه ۾ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ معاهدي جو اعلان وچ اوڀر ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ جو هڪ تاريخي موقعو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڳالهين جي پوري عمل ۾ صدر ٽرمپ جي قيادت عالمي امن جي لاءِ سندس غير متزلزل عزم جي نشاندهي ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته معاهدي جي لاءِ قطر، مصر ۽ ترڪيه جي ثابت قدمي، اڻٿڪ ڪوششن ۽ قيادت کي به ساراهڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام کي به ڀيٽا پيش ڪرڻ گهرجي جنهن بيان نه ڪرڻ جوڳيون مصيبتون برداشت ڪيون آهن.
سندس چوڻ هو ته فلسطينين سان اهڙي سلوڪ کي ٻيهر ڪڏهن به نه ورجائڻ گهرجي، مسجد الاقصيٰ ۾ ويجهڙ ۾ پيش ايندڙ چڙ ڏياريندڙ واقعن تي به سخت ڳڻتي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته دنيا کي قبضو ڪندڙن ۽ غيرقانوني آباد ٿيندڙن جو حساب ڪتاب ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهڙن وڌيڪ قدمن کي روڪڻ گهرجي جيڪي صدر ٽرمپ جي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ جٽادار امن جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ ڪيل زبردست ڪوششن کي نقصان پهچايو.
سندس چوڻ هو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀائيوارن، دوستن ۽ ڀائر ملڪن جي اڳواڻن سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام جي لاءِ امن، سلامتي ۽ وقار سندس خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب قائم ٿئي.- Advertisement -
