وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارتن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  وزيراعظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارتن جو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به شهباز شريف سان گڏ آهن. ترجمان موجب، وزيراعظم جي گڏيل عرب امارتن جي صدر سان ملاقات جو امڪان آهي، ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن بابت ڳالهيون پڻ ڪندا. ترجمان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان به ملاقاتن جو امڪان آهي. وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو دورو، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف اهم قدم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
35%
4m/s
0%
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون