وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، آئيني ترميم بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي. رات دير سان وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران 26هين آئيني ترميم بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب وزيراعظم ملاقات دوران جي يو آءِ سربراهه جا 26هين آئيني ترميم بابت اعتراض ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميم تي کيس اعتماد ۾ ورتو. ملاقات بعد بلاول ڀٽو زرداري وڪٽري جو نشانو ڏيکاريندي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تان روانو ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ سربراهه ڪيترين کي شين تي خدشن جو اظهار ڪيو، مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ ميمبرن ۾ فار ورڊ بلاڪ جو ذميوار به حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان شڪايت ڪندي چيو ته هڪ طرف اتفاق راءِ ٻئي پاسي ميمبرن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن متفقه مسودو تيار ٿيندو يا قانون سازي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ نون، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ ف جي قانوني ٽيم ۾ به آئيني ترميم جي مسودي بابت صلاح مشورو ٿيو، جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ حڪومتي مسودي ۾ ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب، جي يو آءِ سربراهه پاران مخالف ڌر جي ميمبرن کي هيسائڻ جو معاملو اٿاريو ويو، مولانا فضل الرحمان چيو ته هو اتفاق راءِ سان آئيني ترميم جا خواهشمند آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ٽيم جي يو آءِ ف کي پنهنجي مسودي تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽنهي اڳواڻن صلاح مشوري جو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اڄ ٻيهر مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ٽيمن ۽ تحريڪ انصاف جون ڌار ڌار ملاقاتون ٿينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30 ° C
30 °
30 °
30%
4.7m/s
13%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون