- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي اختلاف کي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي روايت وڌي.
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته هڪ سياسي پارٽيءَ شاگردن ذريعي امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته عوام آڏو اهي سموريون حقيقتون رکيون آهن، عزت جي دعويٰ تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به برداشت جو مظاهرو نه ڪيو نه ئي ڪنهن جي ڳالهه ٻــُـڌي، پي ٽي آءِ فلسطين مسئلي تي گهرايل اي پي سي ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر تقريرن ۾ سدائين زهر اوڳاڇيندي آهي، هي آرمي چيف، ايجنسين ۽ سياستدانن خلاف ڳالهائن ٿا، پر فلسطين مسئلي تي ڳالهيون نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته هنن جو ٻي ڌر سان هنن جو تعلق آهي.
وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽيءَ سان سندن سياسي اختلاف جي تاريخ آهي، شهيد راڻيءَ جي شهادت تي سڀ کان پهريان نوازشريف اسپتال پهتو هو، پر پي ٽي آءِ جي ليڊر سياسي مخالفت کي سياسي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪيو، نوازشريف سدائين ڀائيچاري جي سياست کي هٿي ڏني.- Advertisement -
