تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي فري لانسر ڪميونٽيز مان هڪ آهي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي فري لانسر ڪميونٽيز مان هڪ آهي، ڊي ايٽ ميمبر ملڪن لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکي ٿو، لکين نوجوانن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ سائبر سڪيورتي بابت فني تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. ڊي ايٽ ملڪن جي يارهين سربراهيءَ اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اجلاس جي ميزبانيءَ تي هو مصر جي حڪومت  ۽ قيادت کي هو واڌايون ۽ آذربائيجان کي ڊي ايٽ جي نئين ميمبر طور ڀليڪار ڪن ٿا. هن چيو ته کيس يقين آهي ته آذربائيجان، صدر الهام علييوف جي قيادت ۾ ڊي ايٽ جي مقصدن جي حاصلات ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته نوجوان، ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار توڙي معاشي ترقي لاءِ اهم آهن، نوجوان توانائي، نوان خيال ۽ تخليقي صلاحيتن سان به ڀرپور آهن، ايس ايم ايز نوڪريون پيدا ڪن ٿا. شهبازشريف چيو ته ڊي ايٽ ميمبر ملڪن لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکي ٿو،  پاڪستاني حڪومت پنهنجي فليگ شپ يوٿ پروگرام  ذريعي معياري تعليم فراهم ڪرڻ، روزگار  جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پيداوار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هو آءِ ٽي سي جي شعبي ۾ تربيت تي ڌيان ڏيئ رهيا آهن ته جيئن وڏي پئماني تي نوجوانن کي جديد صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته  وفاقي ڪابينا ڊي ايٽ ميمبر ملڪن سان ترجيحي واپاري معاهدي سان گڏوگڏ ان جي پروٽوڪول لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
29 %
2.3kmh
0 %
آچر
22 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون