تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وفاقي آئيني عدالت جو قيام قائداعظم جو خواب هو: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي آئيني عدالت ٺاهڻ قائد اعظم محمد علي جناح جو خواب هو، سڀ کان پهريان وفاقي آئيني عدالت جي تجويز قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪئي هئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پهريون ڀيرو وفاقي آئيني عدالت جا تفصيل 27 آڪٽوبر 1931ع تي لنڊن ۾ منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي اها تجويز تقريبن پ پ طرفان پيش ڪيل تجويز سان هڪجهڙائي رکي ٿي.

پ پ چيئرمين چيو ته قائداعظم جو چوڻ هو ته وفاقي آئين سان لاڳاپيل يا آئين بابت جيڪي به سوال اٿن، ان کي وفاقي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته قائداعظم هڪ ئي عدالت کي “وفاقي قانون” تي سمورا اختيار ڏيڻ جي به مخالفت ڪئي هئي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته قائد اعظم گول ميز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اهي ڄاڻين ٿا ته هي ماهرن جو دور آهي ۽ ڀارت ۾ اهي اڃا ان سطح تي نه پهتا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي تجويز قائداعظم محمد علي جناح جي تجويز کانپوءِ جرمني جي 1949ع جي بنيادي قانوني سان به هڪجهڙائي رکي ٿي جنهن وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون