- Advertisement -
وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽور مڪمل طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورَ بند ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو آهي، اهڙي فيصلي بعد يوٽيلٽي اسٽورز جي هزارين ملازمن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇائنجي وئي آهي.
يوٽيلٽي اسٽورز جا 6 هزار ملازم مستقل ۽ ٻيا ڪانٽريڪٽ توڙي ڏهاڙيءَ تي مقرر آهن.
يوٽيلٽي اسٽور انتظاميا موجب کين ڪمپنين سان معاملا اڪلائڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار موجب وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري رهي آهي، رائٽ سائزنگ ڪميٽيءَ تجويزون تيار ڪيون آهن، جنهن ۾ مختلف وزارتون به شامل آهن.
هن چيو ته وفاقي سرڪار وٽ پيسا نه هجڻ سبب فيصلو ڪيو پيو وڃي.
سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار چيو ته رائٽ سائزنگ ڪميٽيءَ طرفان ٻين ادارن کي بند ڪرڻ جي تجويز جي قطعي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي، ڪابينا جي منظوريءَ بعد جيڪا ٽائم لائن طئه ٿيندي ان موجب يوٽيلٽي اسٽور بند ٿي ويندا.- Advertisement -
