- Advertisement -
فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو ته سنڌ جو عوام روڊن تي ھوندو.
جاري ڪيل بيان ۾ جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته سنڌ حڪومت وفاق سان گڏجي ارسا قانون ۾ ترميم ڪرڻ چاھي ٿي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته سنڌو درياءَ تي سڀ کان پھريون حق سنڌ صوبي جو آھي، سنڌ ۾ سدائين ھٿرادو پاڻي جو بحران رھيو آھي.
سندس چوڻ هو ته سمنڊ ۾ دريائي پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب بدين ۽ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي ۽ ھزارين ايڪڙ زمين سامونڊي سم سبب بنجر بڻجي وئي آهي.
ھن چيو ته زرداري ليگ اقتدار خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي.
سردار عبدالرحيم چيو ته ارسا ايڪٽ ٻٽي نظام کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل آھي.
هن چيو ته ھڪ پاسي پيپلزپارٽي ارسا قانون کي تبديل ڪري سنڌ کي نقصان پھچائڻ ۽ ٻئي طرف واڳون وارا ڳوڙھا ڳاڙهڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ معملي واري تحريڪ آڻي سنڌ جي عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.- Advertisement -
