- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، انتهاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ قومي پاليسي بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايڊيشنل سيشن ججن ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ کي به منظوري ڏني وئي.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا جي جاري ڪيل اجلاس جي پڌرنامي موجب ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي نيشنل پريوينشن آف وائلينٽ ايڪسٽريمزم پاليسي جي منظوري ڏني.
پڌرنامي موجب وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي حڪمن تحٽ اسپيشل ڪورٽن جي دائري ۾ تبديليءَ جي منظوري ڏني.
ڪابينا قانون ۽ انصاف جي سفارش تي بلوچستان هائيڪورٽ جي حڪم تحت اسپيشل ڪورٽس ڪوئيٽا ۽ خضدار دائري ۾ تبديليءَ جي منظوري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا ايڊيشنل سيشن ججن ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي لائيرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023ع تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني.
پڌرنامي موجب ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش ي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ (اجينو موتو) جي امپورٽ تان پابندي هٽائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائڻ جي منظوري ڏني.
پڌرنامي موجب اهو فيصلو ماهرن جي خاص ڪميٽيءَ جي رپورٽ تحت ڪيو ويو، جيڪا وزيراعظم آفيس جي هدايت تي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ جي انساني صحت تي اثرن جي جاچ بابت ٺاهي وئي.
ڪميٽيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ مونو سوڊيم گلوٽاميٽ کي انساني صحت لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي- Advertisement -
