تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وفاقي ڪابينا، انتهاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ قومي پاليسي بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، انتهاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ قومي پاليسي بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايڊيشنل سيشن ججن ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ کي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا جي جاري ڪيل اجلاس جي پڌرنامي موجب ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي نيشنل پريوينشن آف وائلينٽ ايڪسٽريمزم پاليسي جي منظوري ڏني. پڌرنامي موجب وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي حڪمن تحٽ اسپيشل ڪورٽن جي دائري ۾ تبديليءَ جي منظوري ڏني. ڪابينا قانون ۽ انصاف جي سفارش تي بلوچستان هائيڪورٽ جي حڪم تحت اسپيشل ڪورٽس ڪوئيٽا ۽ خضدار دائري ۾ تبديليءَ جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا ايڊيشنل سيشن ججن ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي لائيرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023ع تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني. پڌرنامي موجب ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش ي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ (اجينو موتو) جي امپورٽ تان پابندي هٽائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني  درخواست داخل ڪرائڻ جي منظوري ڏني. پڌرنامي موجب اهو فيصلو ماهرن جي خاص ڪميٽيءَ جي رپورٽ تحت ڪيو ويو، جيڪا وزيراعظم آفيس جي هدايت تي مونو سوڊيم گلوٽاميٽ جي انساني صحت تي اثرن جي جاچ بابت ٺاهي وئي. ڪميٽيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ مونو سوڊيم گلوٽاميٽ کي انساني صحت لاءِ محفوظ قرار ڏنو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون