وفاقي ڪابينا، چيمپئنز ٽرافي لاءِ فول پروف سڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.
ڪابينا آرٽيڪل 245 تحت فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، رينجرز ۽ ٻيون فورسز به سڪيورٽي تي مقرر هونديون.
چيمپئنز ٽرافي جي ميچن لاءِ پاڪ فوج، هٿياربند فورسز، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏيل سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.
چيمپئنز ٽرافي لاءِ ٻارهن فيبروري کان ٽيمون پاڪستان پهچي رهيون آهن، پي سي بي پنجاب ۽ سنڌ جي درخواست تي سڪيورٽي جي منظوري ورتي وئي.
گهرو وزارت ٽيمن کي فول پروف سڪيورٽي لاءِ ادارن ۽ صوبائي گهرو کاتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
چيمپئنز ٽرافي لاءِ ايندڙ ٽيمن کي صدارتي سطح جي سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.
وفاقي ڪابينا، چيمپئنز ٽرافي لاءِ فول پروف سڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1
°
C
15.1
°
15.1
°
17%
0.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


