وفاقي ڪابينا، 86 پرڏيهي پائليٽن جي لائسنس ۾ ٻن ورهين جي واڌ سميت اهم فيصلي جي منظوري ڏني آهي.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
ڪابينا جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهه ۾ موجود 86 پائليٽن جي لائسنس ۾ 2 سال واڌ ۽ 2025ع ۾ نون پائلٽين جي شموليت جي فارن ويليڊيشن ۾ ٽن ورهين جي منظوري ڏني وئي.
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ورهين ۾ ڪورونا وبا ۽ پاڪستاني پائليٽن تي پابنديءَ سبب پاڪستان ايئر لائنز کي پرڏيهه مان پائليٽن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پيون.
ڪابينا ڊويزن ڄاڻايل سفارش تي مڪمل قانوني ڪارروائي بعد عمل ڪيو ويندو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم توشا خاني جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ لاءِ توشا خانه ايڪٽ 2024ع تي نظرثانيءَ لاءِ بچاءَ واري وزير خواجه آصف جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي نيشنل اسييڊ ڊولپمينٽ اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرريءَ بابت قاعدن ۽ ضابطن جي منظوري ڏني.
وزيراعظم، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ وارو عمل تيز ڪرڻ ۽ ان عمل جي اثرائتي نگراني لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
شهبازشريف چيو ته پرائم منسٽر رليف پيڪيج مستحقن تائين پهچائڻ لاءِ نئين اثرائتي حڪمت عملي بڻائي وڃي
وفاقي ڪابينا، 86 پرڏيهي پائليٽن جي لائسنس ۾ ٻن ورهين جي واڌ سميت اهم فيصلي جي منظوري
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5
°
C
9.5
°
9.5
°
26%
2m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
16
°


