وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اسحاق ڊار پرڏيهي وزير ۽ محسن نقوي گھرو وزير هوندو. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي قلمدان ڏيڻ جو باضابطه طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، خواجا آصف بچاءَ وارو وزير هوندو جڏهن ته کيس دفاعي پيداوار ۽ هوابازي جو اضافي قلمدان به ڏنو ويو آهي، اهڙي طرح اسحاق ڊار پرڏيهي وزير هوندو. احسن اقبال کي رٿابندي وارو قلمدان ڏنو ويو آهي جڏهن ته اويس لغاري کي ريلوي ۽ سيفران ۽ تاريخي ورثن بابت کاتا امير مقام حوالي ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب راڻا تنوير حسين کي صنعت ۽ پيداوار، قيصر احمد شيخ کي بحري معاملن ۽ اعظم نذير تارڙ کي قانون، انصاف ۽ انساني حقن جو قلمدان ڏنو ويو آهي. مسلم ليگ (ق) جو چوڌري سالڪ حسين کي انساني ترقي وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، وفاقي تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جو وزير هوندو. نوٽيفڪيشن موجب محمد اورنگزيب ناڻي کاتو ۽ روينيو کاتو ڏسندو، محسن نقوي گهرو معاملن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس جو وزير هوندو، جڏهن ته احد چيما کي اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو قلمدان ڏنو ويو آهي. سينيٽر مصدق ملڪ کي توانائي ۽ پيٽروليم جڏهن ته ميان رياض حسين پيرزاده کي هائوسنگ ۽ ورڪس جو وزير بڻايو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
19%
2.7m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون