تازه ترين

راڌڻ ۾ گھر مان ڌاڙي دوران 2 ڦورو مارجي ويا ، عورت سميت 2 گهر ڀاتي زخمي

- Advertisement -
راڌڻ ۾ گھر مان ڌاڙي دوران 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته عورت سميت 2 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شهر جي وارڊ نمبر 7 جوڻيجا پاڙي ۾ هٿيابند ڦورو منظور جوڻيجي جي گهر ۾ گھڙي ڀاتين کي يرغمال بڻائي چوپايو مال ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت تي گهر ڌڻين ڦورن کان هٿيار ڦر فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري صبحت آڳرو ۽ عطر ماڇي مارجي ويا جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب گهر ڌڻي ذوالفقار جوڻيجو، مسمامت زبيده سميت ٻه عورتون زخمي ٿي پيون. اطلاع تي پوليس پهڇي مارجي ويل ڦورن جا لاش ۽ زخمي گهر ڌڻين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي شهر ۾ چوٻول آهن ته حملي آورن ۽ گهر ڌڻين ۾ ڪافي عرصي کان مينهن جو چوري جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورن جا لاش اسپتال ۾ پيل آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون