وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اوور بلنگ ۽ بجلي چوري روڪڻ لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ايف آءِ اي لاهور زونل آفيس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اوور بلنگ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۽ گذريل دوري دوران ڏنل هدايتن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاهور سرفراز ورڪ اجلاس کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ڊي جي ايف آءِ اي اسحاق جهانگير وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اوور بلنگ ذريعي شهرين تي بار وجهندڙ آفيسرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رکي وڃي، اوور بلنگ تي زيرو ٽالرنس جي پاليسي جاري رهندي. سندس چوڻ هو ته ڊسڪوز جي نااهلي ۽ غفلت جي سزا شهرين کي ڏيڻ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، بجلي واهپيدارن کي اوور بلنگ ۾ رليف ڏيڻ اولين ترجيح آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بجلي چورن خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي بجلي چوري ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف بنا فرق ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
24%
2.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون