ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي : فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي، ڪنهن کي سياسي شهيد بڻجڻ نه ڏنو ويندو، خيبر پختونخوا جي گورننس گهڻي بهتر ناهي، نفرتن کي ختم ڪيو ويندو، علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد تي چڙهائي واري بيان تي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هو سڀاڻي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي ويندو، ملڪ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سمورو ملڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هر سياسي پارٽي سان ڳالهين لاءِ دروازا کليل آهن، خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، ڪي پي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن مٿان حملن جو ازالو ضروري آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جوانن جو مورال بلند ڪيو ويندو. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪوشش هوندي ته هو صوبي ۽ وفاق ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري، جڏهن نفرت هوندي ته صوبو ۽ ملڪ ترقي نه ڪندو، ڪوشش آهي ته هو ڪي پي جو وڪيل بڻجي عوام جو ڪيس اسلام آباد ۾ وڙهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر هڪ آزاد شهري آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون به آهي، جيڪڏهن ڪي پي جي وڏي وزير اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته هو ڪنهن ٻي گهر ويندو، پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ اهڙي قسم جو موقف نه ڏيڻ گهرجي. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي، ڪنهن کي سياسي شهيد بڻجڻ نه ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
22%
2.8m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون