تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سني تحريڪ جي چيئرمين ثروت اعجاز قادري سان ڪراچي ۾ ملاقات

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سني تحريڪ جي چيئرمين ثروت اعجاز قادري سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي آهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه به گهرو وزير سان گڏ هئا. ملاقات ۾ عالمن جي خدمتن کي ساراهيندي مذهبي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته مدرسن يا مسجدن جي بندش بابت واويلا ڪئي پئي وڃي، ڪو به مدرسو يا مسجد بند نه ڪئي ويندي. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اسلام امن ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، تشدد ۽ فساد جي ڪابه گنجائش نه آهي. سندس چوڻ هو ته حق جي جنگ ۾ عالمن جو ڪردار پڻ تمام اهم هو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان ترقيءَ لاءِ اڏام ڀري چڪو آهي، اهڙين حالتن ۾ سڀني کي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هر ڪنهن کي قانون جي دائري ۾ احتجاج ڪرڻ جو حق آهي، اڄ هر ڪنهن کي پاڪستان جي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. پاڪستان سني تحريڪ جي چيئرمين ثروت اعجاز قادري جي مذهبي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ويو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
11 %
5.5kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون