ون فائيو پوليس ڏوهن خلاف هڪ ڪارائتو ۽ تيز ترين هٿيار آهي:آءِ جي سنڌ

spot_img
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته  ون فائيو پوليس ڏوهن خلاف هڪ ڪارائتو ۽ تيز ترين هٿيار آهي، جنهن جي تڪڙي ۽ اثرائتي موٽ سان ڪيترن ئي شهرين جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻايو ويو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پوليس بينڊز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ون فائيو پوليس جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ڌار ڌار اجلاس ٿيو. ون فائيو پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بابت ٿيل اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ايڊمن ڪراچي،  ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ جي کي، ايس ايس پي، ون فائيو جي ڪارڪردگي ۽ گهربل ضروري سڌارن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ چيو ويو ته گذريل سال ون فائيو پوليس کي 20 لک جي لڳ ڀڳ ڪالز مليون، ون فائيو پوليس ٽيم جو ريسپانس ٽائيم 5 کان 7 منٽ آهي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ون فائيو ڪراچي جي ٽيم کي بهتر ڪارڪردگي تي شاباش ڏئي ٿو. هن چيو ته ون فائيو ٽيم جي تڪڙي ۽ اثرائتي موٽ سان ڪيترن ئي شهرين جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻايو ويو آهي، ون فائيو ڏوهن خلاف هڪ ڪارائتو ۽ تيز ترين هٿيار آهي. ان کان اڳ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ پوليس بينڊز جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ بينڊز جي تعداد، يونيفارم، دستياب موسيقي جا اوزار، خالي جاين ۽ ڀرتي رولز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ پوليس ٽريننگ سينٽرن ۾ 7 ۽ ڊويزنن ۾ 8 پوليس بينڊز يونٽ موجود آهن. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته پوليس بينڊز ۾ سڌارن جي حوالي سان هڪ سئو اهلڪارن جي تربيت پاڪستان نيوي تحت جاري آهي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته پوليس بينڊز جي هر يونٽ جي الڳ يونيفارم آهي. اجلاس دوران آءِ  جي سنڌ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سنڌ پوليس بينڊ ۾ سڌارن جي حوالي سان فيشن ڊيزائنرز کان راءِ وٺي يونيفارم بابت سفارشون پيش ڪيون وڃن. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته سنڌ پوليس بينڊز جو يونيفارم ۽ لباس جي ڊيزائن هڪجهڙي رکي وڃي ۽ پوليس بينڊ ۾ تجربيڪار ۽ صحتمند جوان شامل ڪيا وڃن. آءِ جي غلام نبي ميمڻ هدايت ڪندي چيو ته يونيفارم ۽ موسيقي جي اوزارن جي تبديلي لاءِ لاڳاپيل شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن کان راءِ ورتي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون