- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيل ملز بابت فيصلي ۾ سنڌ حڪومت کي به شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير راڻا تنوير وچ ۾ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران انڊسٽريل پارڪ قائم ڪرڻ ۽ اسٽيل ملز جي بحاليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سيد مراد علي شاهه ۽ راڻا تنوير پاڪستان اسٽيل ملز جي 32 سئو ايڪڙ زمين ۾ انڊسٽريل پارڪ قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون.
وڏي وزير نشادهي ڪئي ته اها زمين اڳ ئي پاڪستان اسٽيل ملز لميٽڊ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، جنهن تيو راڻا تنوير چيو ته زمين جي نوعيت کي ڪمرشل ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته واپار ۽ پيداوار واري وزارت صوبائي حڪومت کي خط ذريعي زمين جي تبديليءَ جي درخواست ڏيندي ته جيئن حڪومت ضروري ڪارروائي ڪري.
سيد مراد علي شاهه زور ڀريو ته پاڪستان اسٽيل پلانٽ لاءِ رکيل 700 ايڪڙ زمين کي يا ته موجوده اسٽيل ملز جي بحالي يا نئين قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جنهن تي وفاقي وزير ٻڌايو ته روسي وفد اسٽيل ملز پلانٽ جو دورو ڪري چڪو آهي.
وڏي وزير چيو ته اسٽيل ملز بابت فيصلي ۾ سنڌ حڪومت کي به شامل ڪيو وڃي.- Advertisement -
