- Advertisement -
پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ۾ معاملا وڌيڪ خراب ٿي رهيا آهن، پ پ، حڪومتي پاليسين تي کليل نموني تنقيد جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب معاملا طئه نه ٿيڻ سبب پ پ قيادت حڪومتي پاليسين تي تنقيد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي پيپلزپارٽي حڪومت جي غلط پاليسين تي کليل نموني تنقيد ڪندي.
پارٽي قيادت کي حڪومتي پاليسين تي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن بعد پ پ قيادت اڳواڻن کي گائيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي.
پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين تي خاموشي سياسي طور نقصانڪار آهي، حڪومت جي غلط ڪمن ۽ خراب پاليسين جو اثر پ پ تي پوندو.
پيپلزپارٽيءَ طرفان وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪئي ويندي.- Advertisement -
