يوڪرين تي ان ڳالهه جي پابندي برقرار آهي ته هو روس جي اندروني علائقن تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ امريڪي ميزائلن سان حملا نه ڪري : وائٽ هائوس

- Advertisement -
وائٽ هائوس واضع ڪيو آهي ته يوڪرين تي ان ڳالهه جي پابندي برقرار آهي ته هو روس جي اندروني علائقن تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ امريڪي ميزائلن سان حملا نه ڪري. امريڪا جي قومي سلامتي واري ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي امريڪي پاليسي تبديل ناهي ٿي ۽ نه ئي ان ۾هن وقت تبديلي جي اميد رکن ٿا. امريڪي وضاحت تي روس جي صدارتي ترجمان پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو آهي ته نتيجن کان خبردار رهڻ جو پيغام صدر پيوٽن جو پيغام لاڳاپيل هنڌ تي پهچايو ويو آهي. روسي ترجمان ديمتري پيسڪوف جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر جنهن ڳالهه کان هڪ ڏينهن آگاهه ڪيو هو اها بلڪل واضع آهي ۽ ان کي ٻيهر ورجائڻ جي ضرورت ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
45%
2.8m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون