- Advertisement -
ٺل ويجهو زميني تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺاڻو بخت بنگلاڻي مارجي ويو.
واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچابند بڻيل آهن، هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هڪ سال کان جهيڙو هلندڙ آهي.
پوليس موجب ٻنهي ڌرين جي جهيڙي ۾ ٽي مهينا اڳ ٻه ٻارڙا مارجي ويا هئا.
پوليس جو چوڻ هو ته هڪ ڌر جي ماڻهن گهرن تي حملو ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪيو آهي……….- Advertisement -
