ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن ۽ بي آر ٽي پرواجيڪٽ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي

- Advertisement -
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن ۽ بي آر ٽي پرواجيڪٽ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دائي، پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلز بس سروس تحت ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هلندڙ منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو. ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ريڊ لائن ۽ بي آر ٽي پراجيڪٽ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊيپوز بابت به غور ويچار ڪيو ويو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊيپوز جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نين بسن کي پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
15%
1.3m/s
4%
سُومر
18 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون