- Advertisement -
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن ۽ بي آر ٽي پرواجيڪٽ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دائي، پيپلز بس سروس جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پيپلز بس سروس تحت ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هلندڙ منصوبن تي غور ويچار ڪيو ويو.
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته ريڊ لائن ۽ بي آر ٽي پراجيڪٽ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊيپوز بابت به غور ويچار ڪيو ويو.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊيپوز جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نين بسن کي پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪيو ويندو.- Advertisement -
