تازه ترين

اڳوڻي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري جي وڌيڪ 25 حامين تي ڦرلٽ جو ڪيس داخل

- Advertisement -
اڳوڻي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري جي وڌيڪ 25 حامين تي ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي حامين عبدالجبار ڏاهري، سندس ڀاءُ ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عبدالستار ڏاهري، دين محمد ڏاهري، راجا علي ڏاهري، اعظم ڏاهري 14 سڃاتل جوابدارن سميت 26 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ بچل ڏاهري واسي عبدالحميد ڏاهري جي فرياد تي دولتپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس 25 کان وڌيڪ پوليس موبائلن ۾ سوار ٿي ڳوٺ سوڀو ڏاهري تي چڙهائي ڪري عبدالجبار ڏاهري جي گهر تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران پنج جوابدارن نويد ڏاهري، اسلم ڏاهري، سرمد ڏاهري، نصير ڏاهري ۽ شعبان ڏاهري کي گرفتار ڪري ورتو. رابطو ڪرڻ تي عبدالجبار ڏاهري ٻڌايو ته پوليس ناحق ڪيس داخل ڪيو آهي، سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون