- Advertisement -
ٽه ملڪي سيريز ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي هارائي فائنل ۾ پهچي ويو، جڏهن ته قومي ٽيم سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪرڻ جو نئون رڪارڊ به قائم ڪري ورتو .
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي پاڪستان کي 353 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو قومي ٽيم محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا جي شاندار سينچرين جي مدد سان چئن وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ مڪمل ڪيو.
پروٽيز طرفان هيزڪ ڪلاسن 87 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ميٿيو بريٽر 83، ڪپتان ٽيمبا بووما 82، ٽوني ڊي زورزي 22 ۽ وائن ملڊز ٻه رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته خوشدل شاهه ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
352 رنسن جي هدف جي جواب ۾ قومي ٽيم محتاط انداز ۾ اننگ جي شروعات ڪئي.
پاڪستان جو پهريون آئوٽ ٿيل رانديگر بابر اعظم هو، جيڪو 57 جي مجموعي اسڪور تي 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد ايندڙ رانديگر سعود شڪيل به 15 رنسون ٺاهي پويلين واپس ٿي ويو.
فخر زمان جي آئوٽ ٿيڻ وقت ٽيم جو مجموعي اسڪور 91 هو، جنهن بعد محمد رضوان ۽ سلمان آغا شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ ٻنهي سينچريون ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري.
سلمان آغا 103 بالن تي 134 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ڪپتان محمد رضوان 122 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوربن بوش هڪ ۽ ويان ملڊر ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو فائنل 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو.- Advertisement -
