- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب آءِ ايم ايف کي ڊوزيئر ۽ خط موڪلي ڇڏيو، خط جي ڪاپي چيف جسٽس ڏانهن به اماڻي وئي، عمر ايوب جو چوڻ آهي ته خط ۾ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت شاهديون موجود آهن، سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سندن خدشن تي عالمي تنظيمن سميت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جو ڌيان ڇڪايو وڃي.
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف مشن کي ڊوزيئر ۽ خط موڪليو.
عمر ايوب طرفان خط جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن به موڪلي وئي.
عمر ايوب جو چوڻ آهي ته خط ۾ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت شاهديون موجود آهن، شاهديون موجود آهن ته ڪهڙي ريت پي ٽي آءِ کي دٻايو پيو وڃي.
هن چيو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سندن خدشن تي عالمي تنظيمن سميت لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جو ڌيان ڇڪايو وڃي، وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ هو آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات لاءِ به تيار آهن.
عمر ايوب چيو ته کين يقين آهي ته پاڪستان جي مستقبل بابت سمورن معاملن ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري اصولن تي عمل کي ترجيح ڏني ويندي.- Advertisement -
