- Advertisement -
پاڪستان، آمريڪي ڪمپنين کي تيل، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي.
واشنگٽن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آمريڪي معاون ناڻي واري وزير رابرٽ ڪيپ روٿ سميت ٻين عملدارن سان ملاقات ڪئي.
ناڻي واري وفاقي وزير، آمريڪي اختيارين کي پاڪستان جي مضبوط معاشي بنيادن، ورچوئل اثاثن سان لاڳاپيل قانون سازي کان آگاهه ڪيو، آمريڪي ڪمپين کي تيل، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.
محمد اورنگزيب پاڪ آمريڪا وچ ۾ ٽيرف معاهدي بابت ڪامياب ڳالهين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ناڻي واري وفاقي وزير دولت مشترڪه ناڻي واري وزيرن جي اجلاس کي خطاب ۾ موسمياتي فنانسنگ جي اهميت ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ فعال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سليمان الجاسر سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن موٽروي سڪس جي ٻن حصن جي فنانسنگ جي منظوري تي ٿورا مڃيا، پوليو جي خاتمي ۽ تيل فراهمي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سهڪار تي به اتفاق ڪيو ويو.
ناڻي واري وفاقي وزير، آءِ ايف سي جي ريجنل نائب صدر ۽ سٽي بينڪ جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون.
محمد اورنگزيب يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.- Advertisement -
