- Advertisement -
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ داخلا جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
لطيف يونيورسٽي جي 30 کان وڌيڪ شعبن ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ شروع ٿي وئي آهي، يونيورسٽي اندر 120 کان مٿي بلاڪ قائم ڪيا ويا آهن.
يونيورسٽي جي مين ڪئمپس ۽ سب ڪئمپس گهوٽڪي ۾ داخلا جي لاءِ شاگرد ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن.
پري انٽري ٽيسٽ لاءِ گڏيل طور تي 5 هزار کان وڌيڪ شاگردن پري انٽري ٽيسٽ لاءِ درخواستون ڏنيون.
درخواستون ڏيندڙن اميدوارن ۾ 4 هزار 424 شاگرد ۽ هڪ هزار 16شاگردياڻيون شامل آهن، گهوٽڪي ڪئمپس ۾ 362 اميدوار انٽري ٽيسٽ ڏيندا.
ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين شڪايت ڪئي ته کين انٽري ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ سلپ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا پيش آيا، ڪجهه شاگردن کي سلپ نه ملڻ سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.
انتظاميا مطابق سلپ جا فني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ سڀني اميدوارن کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جڏهن ته انٽري ٽيسٽ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
